حـرف هـيـرن جـھـڙا

حـرف هـيـرن جـھـڙا

حرف هيرن جھڙا

حـرف هـيـرن جـھـڙا (ڪتاب): لـوڪ شـاعـريءَ تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامياري سگھڙ حسين بخش رَڏ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب تي ٻه اکر سنڌ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيا آهن، جڏهن ته ڪتاب جو ’پيش لفظ‘ نامور دانشور محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. جويو صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌي لوڪ ادب، خاص طور سنڌ جي ٻهراڙين ۾، جھڙو اڳي تهڙو اڄ به، عام سِرجي، ،ٻڌجي ۽ ڳائجي ٿو. اسان وٽ سنڌ جي جھر جھنگَ ۾ ريگستانَ توڙي ٽاڪرو علائقن ۾ (۽ ٿر توڙي ڪچي ۾) هر هنڌ، ڪٿي ڪچهرين ۾ ڳجھارت، ڏور، ڳالهين ۽ ڪهاڻين ۽ داستان گوئيءَ جي طور، ته ڪٿي سوڻن ساٺن ۽ شادين، ميلَ ملاقاتن ۽ سير سفر جي موقعن تي، ڳيچن، سهرن، پهاڪن ۽ چوڻين، بيتن ۽ ڪافين جي طور تي سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ املهه ورثو ڪم ايندو، گڏ ٿيندو ۽ وڌندو ويجھندو رهي ٿو.
ان کانسواءِ ڪتاب ۾ سيد خورشيد شاهه، صالح محمد شاهه، سمي خان ڀنڀري، ڪوثر ٻرڙي ۽ صوفي ٽالپر جا تاثرات به شامل آهن: ڪتاب لوڪ ادب جي حوالي سان، پنجن بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ مختلف سگھڙ شاعرن جي شاعري ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ ڳجھارتون ۽ ڏٺ ڳجھارتون به شامل ڪيون ويون آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ 2003ع ۾، سگھڙ حسين بخش رَڏ پاڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 244 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 125 رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو